ملڪ کي چندو گهرڻ واري نه پر نظرياتي قيادت جي ضرورت آهي: سراج الحق

January 8, 2019 at 8:46 pm

لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير پاڪستان سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ملڪ کي خيرات يا چندو گهرڻ وارن جي نه پر نظرياتي قيادت جي ضرورت آهي. جماعت اسلامي جي اڳوڻي امير قضي حسين احمد جي ڇهين ورسي جي مناسبت سان الحمرا آرٽ ڪائونسل ۾ ناياب تصويرن جي نمائش ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ ذاتي بادشاهت نه پر اسلامي نظام چاهيون ٿا، حڪمران ملڪ جي جغرافي ۽ نظريي سان غداري ۽ بي وفائي ڪئي آهي، پارليامينٽ تي ڪلمو ته لکيو ويو آهي پر ان ڪلمي جي حڪمراني ناهي. سراج الحق چيو ته قاضي حسين احمد طبقاتي نظام جي خلاف جدوجهد ڪئي، اڄ عزم ڪيو ته پنهنجي زندگي ۽ ملڪ کي اسلامي نظام جو گهر بڻائڻ جي لاءِ صرف ڪندا. هن چيو ته اڄ به ملڪ جي حالت پهرين جهڙي آهي، قوم خوشي جي ڳولا ۾ ووٽ ڏيندي آهي پر رڳو منهن تبديل ٿيندا آهن ۽ نظام اُهو ئي رهندو آهي، ملڪ جي مظلوم ۽ مجبور ماڻهن کي گڏ ٿيڻو پوندو. سندس اِهو به چوڻ هو ته ملڪ ۾ ظالم جاڳيردار ۽ ڪرپٽ سيڙپڪارن جو خاص ٽولو آهي جيڪو رڳو پنهنجي مفادن جي لاءِ ڪم ڪندو آهي. سراج الحق وڌيڪ چيو ته حڪمران ڪڏهن هڪ ملڪ کان خيرات ڪڏهن ٻئي کان چندو گهرندا ۽ ڪڏهن ٽئين دروازي تي حاضري ڏيندا آهن، جيڪڏهن چندو ملي ويندو ته ناڻي وارو وزير جشن ملهائيندو ته گهڻو ڪجهه ملي ويو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو