ملڪ ۽ قوم جو پئسا لٽيندڙن جو ڪنهن سان به تعلق هجي نه ڇڏينداسين:خورشيد شاهه

April 2, 2019 at 8:03 pm

سکر (ڊ ر)پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جو بچل شاهه مياڻي ۾ ترقياتي ڪمن جو دورو، سيد خورشيد شاهه ناقص مٽيريل جو معائنو ڪرڻ لاءِ پاڻ هٿوڙو کڻي ورتو، گٽر جي ناليءَ مٿان ٺهيل سليپ کي هٿوڙا هڻي ٽوڙيو ويو، خورشيد شاهه جي ٻه کان ٽي ڀيرا هٿوڙا هڻڻ سان گٽرمٿان ٺهيل سليپ ٽُٽي پئي، خورشيد شاهه ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۽ قوم جو پئسا لٽيندڙن جو ڪنهن سان به تعلق هجي نه ڇڏينداسين، ناقص مٽيريل استعمال ڪندڙ ٺيڪيدار ۽ بل پاس ڪندڙ انجنيئرن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، سيد خورشيد شاهه ان موقعي تي ايس پي اينٽي ڪرپشن کي گهرايو، ايس پي اينٽي ڪرپشن کي ذميدوارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي، خورشيد شاهه چيو ته ترقياتي ڪمن جو پاڻ معائنو ڪندو آهيان ته جيئن قوم جو پئسو ضايع نه ٿئي، غريب علائقن جي ترقي لاءِ ڪروڙين روپيا ڏنا ته جئين هِتي ترقي ٿئي. ظلم آهي ته قوم جي دولت لٽيندڙن خلاف ڪجهه ناهي ٿيندو، مان اِن دولت لٽيندڙن کي نه ڇڏيندس. ٺيڪيدار گٽر مان ٺهيل سليپ ۾ لوهه استعمال ئي ناهي ڪيو، غير معياري مٽيريل استعمال ڪيو ويو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو