ملڪ ۾ ايندڙ ڏيڍ سال معيشت تي وڌيڪ ڳرو گذرندو:حماد اظهر

April 12, 2019 at 7:20 pm

اسلام آباد(بيورو) روينيو بابت مملڪتي وزير حماد اظهر خبردار ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ ڏيڍ سال معيشت تي وڌيڪ ڳرو گذرندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته وزير اعظم عمران خان، ناڻي وارو وزير اسد عمر ۽ آئون ان سلسلي ۾ هڪ جهڙو ئي موقف رکون ٿا ڇو ته ماضي ۾ جهڙي خراب طرح سان معيشت کي نقصان رسايو ويو ان کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت گهربل آهي. سندس چوڻ هو ته سياسي مخالف چون ٿا ته اسان ماضي جون ڳالهيون نه ڪيون پر مستقبل جي پاليسي جو ذڪر ڪيو پر ماضي جي معاشي پاليسين جي اثرن مان متاثر ٿي رهيا آهيون ته مستقبل جي باري ۾ ڪهڙي ڳالهه ڪيون. هن چيو ته جيڪا پاليسي توهان مرتب ڪري رهيا آهيو اُها خراب معاشي پاليسي جي اثرن کي درست ڪندي. هن چيو ته ڪراچي جي سمنڊ کان 250 ڪلو ميٽر پري ڊرلنگ جاري آهي ۽ جيڪڏهن گيس جا ذخيرا هٿ ٿيا ته ماهرن جي راءِ آهي ته اُهي معدني ذخيرا دنيا جي 10 وڏن معدنيات ۾ شامل ٿي ويندا. روينيو واري وزير چيو ته فيصل واوڊا معدني ذخيرن بابت بيان ۾ رڳو اميد ظاهر ڪئي هئي. هن واضح ڪيو ته حمزه شهباز پنهنجي ڪيس تان ڌيان هٽائڻ لاءِ غلط بياني ڪري رهيو آهي پر اِهو طئي ٿيل آهي ته ڪنهن کي به اين آر او نه ملندو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو