ملڪ ۾ جبري مشقت جي خلاف سخت قدم کنيا وڃن:وزيراعظم

January 31, 2019 at 7:54 am

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته جبري گمشدگين کي ڏوهه قرار ڏيڻ جي لاءِ ضابطا فوجداري ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ جنرلاز سسٽم آف پريفرينس (جي ايس پي پلس) بابت اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري، مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي، انساني حقن واري وزير شيرين مزاري، واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود شريڪ ٿيا. ان موقعي تي وزير اعظم جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ جبري مشقت جي خلاف سخت قدم کنيا وڃن ۽ جبري گمشدگين کي ڏوهه قرار ڏيڻ جي لاءِ ضابطا فوجداري ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي. وزير اعظم چيو ته عام جاين تي ملازمن بابت توهين جوڳن سائن بورڊن کي فوري طور تي هٽايو وڃي ۽ اِهي ڪارروائيون بنا فرق ۽ امتياز جي گڏيل طور تي ڪيون وڃن. وزير اعظم شماريات واري اداري کي سڄي ملڪ ۾ چائلڊ ليبر جي انگن اکرن تي سروي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اهڙن ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۽ غربت ختم ڪرڻ بابت تجويزون به تيار ڪيون وڃن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو