ملڪ ۾ معاشي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ قدم کنيا پر هاڻي حالتون ڏسي افسوس ٿئي ٿو:نواز شريف
January 24, 2019 at 8:17 pmلاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته منهنجي صحت بلڪل بهتر ۽ حوصلا بلند آهن، ڪنهن ڪارڪن يا اڳواڻ سان ملاقات لاءِ مون کي ڪا لسٽ نه ڏيکاري ويندي آهي، ملڻ لاءِ جيڪو به ايندو آهي تنهن جي آجيان ڪندو آهيان.ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملاقات لاءِ ايندڙن سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته ملڪ ۾ معاشي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ قدم کنيا پر هاڻي حالتون ڏسي افسوس ٿئي ٿو، سي پيڪ لاءِ جان جي بازي لڳائي ته جيئن ملڪ خوشحال ٿئي جيڪڏهن ان کي روڪيو ويو ته ملڪ کي نقصان ٿيندو.هن چيو ته حڪومت کي گهرجي ته اها عوامي ڏکيائين کي نظر ۾ رکندي ملتان موٽر وي ترت کولي. سندس چوڻ هو ته تصديق کانسواءِ بيگناهن جو رت نه وهائڻ گهرجي، چاهيان ٿو ته ساهيوال سانحي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي، هاڻوڪي حڪومت جي عوام دشمن پاليسين کي ٻڌي افسوس ٿيندو آهي.