ملڪ ۾ چار قانون لاڳو آهن، پرڏيهي پاليسي پنڊيءَ مان پارليامينٽ منتقل ڪئي وڃي: رضا رباني
December 21, 2018 at 8:59 pmاسلام آباد(بيورو) پ پ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته پرڏيهي پاليسي پنڊيءَ مان پارليامينٽ منتقل ڪئي وڃي ۽ احتساب ٿيو ته عدليا، انتظاميا ۽ ملٽري بيورو ڪريسي جو به ٿيندو.سينيٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته اسان ڏسون پيا ته پارليامينٽ کي ڊس فنڪشن ڪيو پيو وڃي، پرڏيهي پاليسي پنڊيءَ مان پارليامينٽ منتقل ڪئي وڃي، پارليامينٽ پرڏيهي پاليسي ٺاهي، گذريل ڏينهن پرڏيهي وزير چيو ته ڪجهه اهڙيون شيون آهن جيڪي نه ٿيون ٻڌائي سگهجن، اهڙيون ڪهڙيون شيون آهن جيڪي پارليامينٽ کي نه ٿيون ٻڌائي سگهجن، جيڪڏهن حساس شيون آهن ته بند ڪمري وارو اجلاس گهرايو، قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي فوري طور جوڙي وڃي.پ پ سينيٽر چيو ته پارليامينٽ سمورن رياستي ادارن جي ماءُ آهي، اڃا تائين اين ايف سي ايوارڊ جاري نه ڪيو ويو آهي، گم ٿيل ماڻهن جو معاملو معمول بڻجي ويو آهي، رياست پرويز مشرف کي عدالت نه وٺي وڃي سگهي، رياست خطرناڪ راند کيڏي رهي آهي، رياست کي ڪجهه ٿيو ته اسان مان ڪو به نه بچندو. رضا رباني چيو ته بدقسمتي سان رياست جي ٽنهي ادارن وچ ۾ هم آهنگي ۽ اختيارن جو توازن ناهي، هر ادارو ٻئي اداري جي اختيارن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي.هن چيو ته اڄ قانون هڪ آهي پر لاڳو چار ڪيا ويا آهن، سليڪٽو احتساب قبولڻ جوڳو ناهي، احتساب ٿيندو ته عدليا، انتظاميا ۽ ملٽري بيورو ڪريسي جو به ٿيندو، وفاقي احتساب ڪميشن جوڙي وڃي، سياسي پارٽين کي ٽوڙڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، عام شهرين سان زيادتين تي ڪميشن جوڙي وڃي.