ملڪ ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجڻ لڳو، سمورن شهرن ۾ تفريحي ماڳ، شاپنگ مالز، بازارون ۽ هوٽلز بند پيل

March 22, 2020 at 4:35 pm

ڪراچي/اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ ڦهلجڻ جي خدشي سبب سمورن شهرن ۾ تفريحي ماڳ، شاپنگ مالز، سستيون بازارون بند پيل آهن، جڏهن ته عوامي ميڙاڪن تي به مڪمل پابند آهي. ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، راولپنڊي، ڪوئيٽا، پشاور سميت ملڪ جي سمورن شهرن ۾ جزوي لاڪ ڊائون واري صورتحال آهي، پبلڪ ٽرانسپورٽ روڊن تان غائب آهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار چيو آهي ته مشڪل جي گهڙي ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، صوبي جي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ آخري حد تائين وينداسين. بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي خدشي سبب عوام کي محفوظ رکڻ جي لاءِ صوبائي حڪومت پاڪ فوج کان مدد گهري ورتي آهي. بلوچستان سرڪار پارن گهرو وزارت کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فوج کي بلوچستان ۾ سول انتظاميا جي مددد لاءِ موڪليو وڃي. خيبرپختونخوا جي اطلاعات واري وزير اجمل وزير جو چوڻ آهي ته ڪي پي ۾ ڪورونا جا 31 مريض آهن، 170 شڪي ڪيس آهن،1299 ماهر ڊاڪٽرن کي مقرر ڪيا ويا هن. اجمل وزير چيو آهي ته بلند عزم ۽ حوصلي سان ڪورونا کي شڪست ڏينداسين، ڪي پي ۾ 1299 ماهر ڊاڪٽرن کي مقرر ڪيو آهي. اجمل وزير جو چوڻ هو ته صوبي ۾ شاپنگ مالز ۽ تفريحي ماڳ مڪمل بند رهندا، سبزي، فروٽ جا دڪان ۽ ميڊيڪل اسٽوڙز کليل رهندا. اجمل وزير جو چوڻ هو ته صوبي ۾ ڪورونا جا 170 شڪي ڪيس آهن، 31 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس ظاهر ٿي چڪو آهي، هن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت پهرين ترجيع آهي، اهڙي مشڪل جي گهڙي ۾ الله آڏو روئي وبا کان ڇوٽڪاري جي دعا گهرڻ گهرجي..

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو