ملڪ ۾ ڪوڙن، چورن ۽ ٺڳن جي حڪومت آهي: مريم اورنگزيب

December 19, 2018 at 8:37 pm

اسلام آباد ( بيورو ) سڌ سماءَ واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت ڪوڙن، چورن ۽ ٺڳن جي حڪومت آهي، عمران خان ميان شهباز شريف کان ڊنل آهي. مريم اورنگزيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪوڙن الزامن باوجود اڄ تائين نواز شريف تي هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت ناهي ٿي سگهي، الله تعاليٰ هن ڪيس ۾ به نواز شريف کي ڪامياب ڪندو، سندس چوڻ هو ته عوام کي چڪر ۽ ڌوڪو ڏيڻو هجي ته نواز شريف تي اين آر او جو الزام هڻو ، بجلي ۽ گئس مهانگو ڪرڻو آهي ته شهباز شريف کي گرفتار ڪيو، ڊالر مهانگو ڪرڻو آهي ته حمزا شهباز کي ٻاهر وڃڻ کان روڪي وٺو، هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 10 لک گهرن تي جواب ڏيڻو آهي ته سعد رفيق کي گرفتار ڪري وٺو. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي ڀيڻ علميا خان کي چور دروازي کان اين آر او ڏيڻو آهي ته ٻين کي چور چوڻ شروع ڪيو، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سعد رفيق جو پروڊڪشن آڊر سندس جو آئيني ۽ جهموري حق آهي. حنيف عباسي جي نياڻي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هو ان واقعي جي مذمت ڪري ٿي، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪهڙو قانون ايم ايس کي فون ڪال رڪارڊ ڪرڻ ۽ وري مشهوري جي اجازت ڏئي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته ايم ايس صاحب جي ان عمل جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي، حنيف عباسي جي نياڻي جو ڏوهه اهو هيو ته هوءَ حنيف عباسي جي ڌيءَ آهي، هن ٻڌايو ته حنيف عباسي جي نياڻي پنهنجي پيءُ جي گرفتاري کانپوءِ سخت ڏکيائين ۽ پريشانين کي منهن ڏئي رهي هئي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو