مني لانڊرنگ ڪيس، آصف علي زرداري ۽ بلاول نيب جي آءِ ٽي اڳيان بيان ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيو
March 21, 2019 at 5:31 amاسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نيب جي گڏيل جاچ ٽيم اڳيان پيش ٿي بيان ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيو. نيب جعلي اڪائونٽن ذريعي مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ڪمپني بابت پڇاڳاڇا لاءِ ٻنهي کي اڄ نيب هيڊ ڪوارٽرز طلب ڪيو هو.ذريعن موجب آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کان پڇاڳاڇا لاءِ ڌار ڌار ڪمرا مخصوص ڪيا ويا هئا پر ٻنهي ڄڻن کان نيب جي لڳ ڀڳ 11 جاچ آفيسرن هڪ ئي ڪمري ۾ پڇاڳاڇا ڪئي ۽ گڏيل سوال پڻ ڪيا. نيب جي ڪمبانڊ انويسٽيگيشن ٽيم ( سي آءِ ٽي ) آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي گڏيل سوالنامو به جاري ڪيو ويو، ۽ کين هڪ هفتي ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳوڻي صدر درخواست ڪئي ته سوال جي جوابن لاءِ ڏهه کان پندرنهن ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ ٽيم طرفان آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي اٽڪل 40 سوال ڏنا ويا جنهن ۾ 3 مختلف ڪيسن بابت پڇو ويو. ذريعن موجب ڊي جي نيب راولپنڊي نعيم منگي جاچ ٽيم جو نگران آهي جيڪو آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو کان جاچ دوران ڪمري ۾ ايندو ويندو رهيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري سان گڏ نيب آفيس آيل عورت رخسانا بنگش ۽ سندس نياڻي آصفه ڀٽو زرداري کي ٻئي ڪمري ۾ ويهاريو ويو. آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي پيشي جي موقعي تي نيب هيڊ ڪوارٽر ٻاهران سيڪيورٽي جا اتنهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن، نيب آفيس ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته ان باوجود نادرا چوڪ تي موجود پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن سموريون رڪاوٽون هٽائي ڇڏيو ۽ جيالا سيڪيورٽي رڪاوٽون ٽوڙيندي نيب هيڊ ڪوارٽر پهچي ويا. پوليس ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي. جيالن وفاقي حڪومت ۽ شيخ رشيد خلاف ڇتي نعريباري ڪئي ۽ نيب آفيس اڳيان وفاقي وزير عمر ڪياني جي گاڏي کي روڪي ورتو،