موجوده حڪومت هڪ سال دوران معيشت کي ڇوويهه ارب ڊالرن جو نقصان ڏنو آهي: مريم اورنگزيب

December 2, 2019 at 5:37 pm

لاهور: (م ڊ)پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته موجوده حڪومت جي هڪ سال ۾ معيشت کي 26 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي. پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب هڪ ب/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 03

يان ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان  عوام جو اوهان جي لاءِ هڪ پيغام آهي ته هاڻ اوهان گهٻرائڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڇو ته اوهان جي نالائقي سان هڪ سال ۾ پاڪستان جي معيشت کي گهٽ ۾ گهٽ 26 ارب ڊالرن جو نقصان ٿي چڪو آهي.مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب اوهان هڪ سال ۾ تاريخي 11 هزار ارب قرض کڻي چڪا آهيو ۽ اوهان آءِ ايم ايف وڃي ناهيو رهيا پر وڃي چڪا آهيون. اوهان جو ڪوڙ ۽ نالائقي ثابت ٿي چڪي آهي.(ن) ليگ ترجمان چيو ته پٽاٽا، بصر، ٽماٽا، دال، ماني، ، فروٽ، سڀ شيون مهانگيون ٿي چڪيون آهن. هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جي بجاءِ عمران خان 25 لک نوڪريون ڦري ورتيون آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو