مولانا هٿين خالي آيو ۽ هٿين خالي موٽي ويو: فردوس عاشق اعواڻ

November 20, 2019 at 6:01 pm

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات ۽ نشريات بابت وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان هٿين خالي اسلام آباد آيو هو ۽ هٿين خالي موٽي ويو.سماجي رابطن جي ويب سائي

ٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مولانا صاحب! توهان جون سياسي پاڙون عوام پَٽيون پر توهان جمهوريت کان پلاند وٺڻ شروع ڪيو، قوم ڏسي ڇڏيو ته ڪير اسلام آباد مان موٽيو ۽ ٻاهر وڃي ڪِريو.هن چيو ته عوام توهان کي رد ڪري ثابت ڪيو ته اهي انتهاپسندي سان گڏ ناهن، عوام توهان جا سڄا پلان رد ڪري ڇڏيا ۽ توهان کي پلان ”ايگزٽ“ جو سهارو وٺڻو پيو.سندس چوڻ هو ته عوام روڊ بلاڪ پلان به رد ڪري ڇڏيو، مولانا جمهوريت جي رستي ۾ انا جون رنڊڪون پيدا ڪري پنهنجو سياسي مستقبل خراب نه ڪري، تڪ ۾ وڃي، سياسي طور هلڪو نه ٿئي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو