موهن جو دڙو تي 22 ڄڻن تي مشتمل پرڏيهي وفد جي آمد،قومي گيتن تي رقص، سنڌي تهذيب جي ساراهه

February 7, 2019 at 9:34 pm

ڏوڪري(شهاب الدين جتوئي)موهن جو دڙو تي 22 ڄڻن تي مشتمل پرڏيهي وفد جي آمد، وفد ۾ برطانوي ڪرڪيٽر ، ليکڪ ۽ صحافي شامل، وفد عظيم ۽ قديم ماڳ جي آثارن کي گهمي ڏٺو، شاندار آجيان، سنڌ جي ثقافت ڏاند گاڏي جي سواري ڪئي، موهن جو دڙو ايڪو ريسورٽ جو دورو،پرڏيهي وفد امن جا پکي ڪبوتر کي به اڏاريو، موهن جو دڙو هزارين سال عظيم ۽ قديم ورثو آهي هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي سنڌ جا ماڻهو مهمان نواز ۽ محبت ڪندڙ آهن: پرڏيهي وفد تفصيل موجب گذريل ڏينهن پرڏيهي سياحن جو 22 ڄڻن تي مشتمل وفد  برطانيا جي رائيٽر ۽ جنرلسٽ ۽ ڪرڪيٽر پيٽر اوبورن جي سربراهي ۾ سنڌ جي عظيم ۽ قديم ماڳ موهن جو دڙو پهتو، وفد ۾ آءِ سي سي جو ايمپائر اي اين بڪل ،رچرڊ آرون ڊل، جان آرون ڊل ، سر هينري اسڊٽهوم ،ڪرنل وگيانيان، نيچولس ٽيلر، نڪ اوبورن،ڊنشن گران، ريچرڊ هيلر، ڪريگ مري ، ليڊسي ڪوڊسي، فوبلرلي، ايني ميري بش، مسعود لوهار ۽  ٻيا شامل هئا.وفد موهن جو درڙ جي مختلف ايرياز ، ڊي ڪي ايريا، ايڇ آر ايريا، وي ايس ايريا، گريٽ باٿ ، اسٽوپا ۽ ميوزيم گهمي ڏٺو. ان موقعي تي پرڏيهي وفد جو شاندار استقبال ڪيو ويو ،پرڏيهي وفد جي موهن جو دڙو ايڪو ريسورٽ جي سربراهه  فهيم سومرو ۽ ٻين پاران شاندار آجيان ڪئي وئي  موهن جو دڙو مانڊين واري هنڌ کان  سنڌ جي ثقافت ڏاند گاڏين تي چڙهي ريلي جي صورت ۾ موهن جو دڙو تائين پهتو جتي سندن شاندارآجيان ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي وفد ۾ شامل ماڻهن پيٽر اوبورن ، گريڪ ميري ، ريچرڊ آرن ڊل ۽ ٻين جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو هزارين سال عظيم ۽ قديم ثقافتي ورثو آهي موهن جو دڙو جي تهذيب کي بچائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي هتي اچي اسان کي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي سنڌ جا ماڻهو تمام گهڻا مهمانواز ۽ محبت ڪندڙ آهن هنن وڌيڪ چيو ته ثقافت ۽ سياحت کي اڃا به وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جي ڳوٺن تائين ڪرڪيٽ کي پهچايون اهو ئي سبب آهي جو اسان سنڌ جي مختلف هنڌن تي ڪرڪيٽ ميچز کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن هوڏانهن پرڏيهي وفد موهن جو دڙو ڀرسان قائم ڪيل موهن جو دڙو ايڪو ريسورٽ ثقافتي وليج جو دورو ڪيو ان موقعي تي سندن شاندار آجيان ڪئي ڪئي وئي اسڪولي ٻارڙن ٽيبلوز ۽ خاڪ پيش ڪيا سنڌي گيتن تي پرڏيهي وفد ۾ شامل ماڻهن رقص ڪيو جڏهن ته پرڏيهي وفد امن جا پکي ڪبوتر به اڏاريا ۽ وڻن جا ٻوٽا به پڻ پوکيا. ان موقعي مسعود لوهار ، فهيم سومرو ۽ ٻيا موجود هئا.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو