ميثاق جمهوريت تي عمل نه ڪرڻ اسان جي ناڪامي آهي : بلاول ڀٽو زرداري
March 11, 2019 at 7:06 pmلاهور ( م ڊ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف بيمار لڳي رهيو هو، کيس صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته بيمار قيدي کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي قيد ۾ رکي ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميثاق جمهوريت تي عمل نه ڪرڻ اسان جي ناڪامي آهي، ميثاق جمهوريت تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نواز شريف پاڻ چيو ته هو نظرياتي بڻجي ويو آهي، پنهنجي سياسي جدوجهد جاري رکندو، هو پنهنجي اصولن تي قائم آهي، ڪنهن به قسم جي ڊيل جو تاثر نه ٿو ملي. هن چيو ته دل جي مريض کي دٻاءَ ۾ رکڻ مٿس تشدد ڪرڻ برابر آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي حڪومت سان ڊيل جون ڳالهيون پکيڙيون پيون وڃن جنهن ۾ ڪابه سچائي ناهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف سان ملاقات ۾ ميثاق جمهوريت تي ڳالهيون ڪيون ويون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جنگ جي ماحول ۾ ڀارتي پائليٽ کي آزاد ڪري غير سياسي فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته منهنجو والد 11 سال جيل ۾ رهيو پر ڪو به الزام ثابت نه ٿيو. سندس چوڻ هو ته نظام جي خامين کي ڪمزور ڪرڻ جي ضرورت آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم عمران خان ٿر ۾ خطاب ڪري ملڪ ۾ اتفاق راءِ جي ماحول کي نقصان پهچايو ويو آهي.