ميثاق جمهوريت نه هجي ها ته آمريت گهڻو وقت اڳ اچي وڃي ها: رضا رباني
January 1, 2019 at 6:53 pmاسلام آباد(بيورو) پ پ پ اڳواڻ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته جيڪڏهن ميثاق جمهوريت نه هجي ها ته آمريت گهڻو وقت اڳ اچي وڃي ها.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽر رضا رباني چيو ته 18هين ترميم کي ڪرپشن جو ذريعو چوڻ پارليامينٽ ۽ اڪاين جو مذاق اڏائڻ برابر آهي، جمهوريت قدمن جو مذاق اڏايو پيو وڃي، اهو سماج ۽ رياست لاءِ نهايت ئي خطرناڪ رجحان آهي، ان ريت سماج ۾ انارڪي ۽ آمريت وڌندي، جيڪڏهن ميثاق جمهوريت نه هجي ها ته ملڪ ۾ آمريت گهڻو وقت اڳ اچي وڃي ها.رضا رباني جو چوڻ هو ته مني بجيٽ اچي رهي آهي، 155 ارب جا نوان ٽيڪس لڳائي رهيا آهن، آءِ ايم ايف سان ڳالهين توڙي پرڏيهي دورن تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو، آمريڪا_افغانستان ڳالهين تي به پارليامينٽ کي آگاهه نه ڪيو ويو، ان حوالي سان حڪومت ان ڪيميرا گڏجاڻي رکي سگهي ٿي، ترت قومي سلامتي تي پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي.