نئون ديرو: چنگچيءَ مٿان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، ٽي ڄڻا قتل

February 13, 2019 at 7:33 pm

لاڙڪاڻو/نئون ديرو(نمائندن وٽان) نئون ديرو شگر مل باءِ پاس روڊ تي موٽر سائيڪل سوار ٻن اڻڄاتل هٿياربندن چنگچيءَ مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ چنگچيءَ ۾ ويٺل 2 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. واقعي جي اطلاع تي نئون دير ٿاڻي جي پوليس مارجي ويلن جا لاش ۽ زخميءَ کي نئون ديرو اسپتال پهچايو، جتي زخميءَ جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کيس چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي نيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي هو فوت ٿي ويو. جڏهن ته هٿياربندن جي حملي ۾ مارجي ويل ٽن ڄڻن جي سڃاڻپ باجوڙ ضلعي جي پوسٽ آفيس خار جي رهواسي وحيد گل، رئيس خان ۽ عارف گل طور ٿي آهي جيڪي لاڙڪاڻي ۾ ڊنر سيٽ جا ٿانو کپائي پورهيو ڪندا هئا. اسپتال ۾ موجود چنگچي ڊرائيور مختيار علي صحافين کي ٻڌايو ته آئون روزانو جي معمول جيان لاڙڪاڻي کان ڄاڻايل پورهيتن کي کڻي ڦيريءَ لاءِ اچي رهيا هئاسين ته نئون ديرو ۾ شگر مل باءِ پاس روڊ سان پاور هائوس وٽ موٽر سائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن چنگچيءَ جو اڳ جهلي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ چنگچيءَ ۾ ويٺل ٽئي پورهيت رتورت ٿي ويا ۽ آئون خوفزده ٿي ويس. مان هٿياربندن کي ايلاز منٿون ڪيا پر هنن هڪ به نه ٻڌي ۽ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. هوڏانهن مارجي ويلن سان ڊنر سيٽ جا ٿانو به گڏ هئا جيڪي چنگچيءَ ۾ پيل هئا. نئون ديرو پوليس چنگچي ۽ سمورو سامان تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيو. واقعي جي اطلاع تي مارجي ويلن جا لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ رهندڙ مٽ مائٽ وڏي انگ ۾ نئون ديرو اسپتال پهچي ويا. جڏهن ته انچارج ايس ايس پي لاڙڪاڻو ذوالفقار مهر به نئون ديرو اسپتال پهچي مارجي ويل پورهيتن جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري فارينسڪ ٽيم سان گڏ شاهديون گڏ ڪيون ۽ تفصيل ورتا. انچارج ايس ايس پي لاڙڪاڻو ذوالفقار مهر پنهنجي نگرانيءَ ۾ واقعي جي ايف آءِ آر نئون ديرو ٿاڻي تي مقتول وحيد گل جي پٽ خان سعيد جي فرياد تي گناهه نمبر 9/2019ع قلم 302، 34 پي پي سي تحت ٻن اڻسڃاتل جوابدارن خلاف داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته هٿياربندن چنگچيءَ مٿان حملو ڪري بيگناهه منهنجي والد حميد گل سميت ٽن ڄڻن مٿان سڌي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. هوڏانهن نئون ديرو اسپتال ۾ موجود انچارج ايس ايس پي لاڙڪاڻو ذوالفقار مهر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان واقعي جي هر پاسي کان چڱيءَ ريت جاچ ڪري رهيا آهيون. مان واقعي واري هنڌ تان فارينسڪ ٽيم سميت شاهديون گڏ ڪري گولين جا خول به هٿ ڪيا آهن. پوليس واقعي جي هر پاسي کان جاچ ڪري رهي آهي انشاءَ الله اسان اصل جوابدارن تائين پهچي وينداسين ٻه نوجوان آهن جن پورهيتن کي ٽارگيٽ ڪيو آهي. گڏ ڪيل شاهدين جي روشنيءَ ۾ ڪيس ۾ اڳڀرايون ٿي رهيون آهن. جلد قاتلن تائين پهچي وينداسين. آل سنڌي پٺاڻ ايسوسيئيشن جي صدر اسد پٺاڻ واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته ظالم جي ڪا ذات، دين يا مذهب نه هوندو آهي ظالم ظالم هوندو آهي وڏو ظلم ٿيو آهي. اسان کي پنهنجي سيڪيورٽي ادارن ۽ پوليس مٿان مڪمل اعتماد آهي ته اهي قاتلن کي گرفتار ڪري وٺندا. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ٻاهران اچي هتي ڪاروبار ڪن ٿا اهي پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا انهن کي ڪا به سيڪيورٽي ناهي. مان لاڙڪاڻي جي تاجر برادريءَ جو شڪر گذار آهيان جيڪي اسان گڏ بيٺل آهن. اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني به واقعي جي مذمت ڪئي آهي ۽ مون سميت ايس ايس پي لاڙڪاڻو سان رابطي ۾ آهي. مان سيڪيورٽي ادارن کان اها اميد رکان ٿو ته اسان جيڪي پٺاڻ هتي ڪاروبار ڪن ٿا انهن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي ۽ پوليس قاتلن کي جلد گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندي. لاڙڪاڻي جي تاجر برادري ۽ پ پ اڳواڻ خير محمد شيخ واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته هي پورهيت جيڪي ٻاهران اچي شهر – شهر ۽ ڳوٺ – ڳوٺ وڃي سامان وڪرو ڪري پيٽ گذر ڪندا هئا انهن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مان لاڙڪاڻي جي تاجر برادري ۽ پيپلز پارٽيءَ طرفان واقعي جي سخت مذمت ڪريان ٿو. اسان سڀئي گڏجي قاتلن کي گرفتار ڪرائي سزا ڏيارينداسين. هوڏانهن مارجي ويل ٽنهي پورهيتن جي لاشن جا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي ايمبولينس ذريعي نئون ديرو کان باجوڙ کڻائي ويا.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو