نئين پاڪستان ۾ عوام جي گهرجن، مفادن، ترجيحن تي ڪو به سمهجوتو نه ڪيو ويندو: شهريار آفريدي

November 12, 2018 at 5:00 pm

اسلام آباد (بيورو ) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته پوليس اسان جو بنياد ۽ عزت آهي، پوليس جا ٻار ۽ خاندان منهنجا ٻار ۽ منهنجي عزت آهن. اسلام آباد ۾ پوليس لائن ۾ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير جو چوڻ هو ته منهنجو توهان سان واعدو آهي ته اسلام آباد پوليس کي ماڊل پوليس بڻائينداسين، اسان پنهنجي پوليس کي ٻين صوبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين. مملڪتي گهرو وزير جو چوڻ هو ته الله تعاليٰ جنهن کي چاهيندو آهي ان کان  آزمائيش وٺندو آهي، شهادت جو رتبو تمام وڏو آهي، پاڪستان جي مائرون پنهنجن شهيد پٽن تي فخر ڪن ٿيون. هن چيو ته منهنجي پنهنجي گهر ۾ يتيم ٻارڙا آهن، تنهنڪري شهيدن جي خاندان جي آزمائيشن کان آگاهه آهيان. هن چيو ته پوليس جي سپاهين کي پنهنجن سينيئر آفيسرن تائين پهچ ناهي ڏني ويندي، ساڻن جيڪي زيادتون ٿينديون آهن هو اهي اعليٰ عهديدارن تائين نٿا پهچائي سگهن. هن آءِ جي اسلام آباد کي سپاهين جي اعليٰ اختيارين تائين پهچ کي آسان بڻائڻ جي هدايتون ڪيون. سندس چوڻ هو ته پوليس ۽ شهيدن جي وارثن لاءِ منهنجا دروازا سدائين کليل رهندا، جيڪي به مسئلا آهن منهنجي آفيس ۽ وزارت اوهان لاءِ هميشه حاضر رهندي. سندس وڌيڪ چوڻ هوته نئين پاڪستان ۾ اوهان سان واعدو ڪريان ٿو ته توهان جي گهرجن، مفادن ۽ ترجيحن تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو