نابين ماڻهن جي اسڪولن جي اڏاوت لاءِ ريلوي پلاٽ ڏيڻ جو اعلان

December 13, 2018 at 6:24 pm

اسلام آباد ( بيورو ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد نابين ماڻهن جي اسڪولن جي اڏاوت لاءِ ريلوي پلاٽ ڏيڻ جواعلان ڪندي چيو آهي ته نابين ماڻهن لاءِ ريلوي جي ٽڪيٽ 100 سيڪڙو مفت آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته نابين ماڻهن جي اسڪولن لاءِ ريلوي پلاٽ هڪ رپيو  مهينو ڀاڙي تي ڏنو ويندو. هن چيو ته خواهش آهي ته معذورن جي ڀلائي لاءِ وڏو ڪم ڪريان، نابين ماڻهن لاءِ 100 سيڪڙو ريلوي جي ٽڪيٽ مفت ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته راولپنڊي جي شهرين لاءِ جلد ميگا پروجيڪٽ شروع ڪيو ويندو.  شيخ رشيد چيو ته خواهش آهي ته اهڙين رٿائن جو افتتاح وزيراعظم ڪري، نالا لئي ايڪسپريس وي جو منصوبو ايف ڊبليو ايف کي ڏنو آهي، غازي بروٿا منصوبو راولپنڊي اسلام آباد جي شهرين لاءِ اڻٽر آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو