نبيري مان مليل 19 ڪروڙ پائونڊ رقم کي وفاقي حڪومت سماجي بهبود لاءِ استعمال ڪندي:شهزاد اڪبر

December 6, 2019 at 4:13 pm

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر ملڪ رياض جي وارثن ۽ برطانوي حڪومت جي وچ ۾ نبيري مان مليل 19 ڪروڙ پائونڊ تي واضح ڪيو آهي ته ان رقم کي وفاقي حڪومت سماج/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 03

ي بهبود لاءِ استعمال ڪندي.سندس چوڻ هو ته نبيري واري معاهدي ۾ ون هائيڊ پارڪ جي وڪري ۽ ان مان حاصل ٿيل رقم اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ڏانهن منتقل ڪرڻ به شامل آهي، اِها رقم سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي نيشنل بينڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وئي.شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت سماجي بهبود ۽ غريبن تي خرچ ڪرڻ لاءِ ان رقم کي حاصل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏني آهي.واضح رهي ته اڱاري تي برطانيا جي نشنل ڪرائم ايجنسي (اين سي اي) پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض جي وارثن سان هڪ سول نبيري تي راضي ٿي هئي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو