نه ارڙهين ترميم سان هٿ چراند ٿيندي، نه سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳندو: فواد چوڌري
December 30, 2018 at 9:22 pmاسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نه ارڙهين ترميم سان هٿ چراند ڪئي ويندي نه سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳندو. وفاقي حڪومت طرفان آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت 172 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ کانپوءِ پ پ ۽ تحريڪ انصاف ۾ تڪرار تيز ٿي ويو آهي. ٻنهي پارٽين طرفان هڪٻئي تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پ پ کي سنڌ ۾ گورنر راڄ نه لڳائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، نه ارڙهين ترميم سان هٿ چراند ڪئي ويندي نه ئي سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳندو، ان جي بدلي ۾ سنڌ حڪومت رڳو اهو ڪري ته آصف زرداري جي ڪيس ۾ شفاف ٽرائل ٿيڻ ڏئي. ٻئي پاسي وفاقي وزير فيصل واوڊا جو چوڻ آهي ته گورنر سنڌ کي مصروفيتون گهٽ ڪرڻ جو چئي ڇڏيو آهي ان تي ٻيون ذميواريون اچي سگهن ٿيون.وفاقي وزير فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي اندر فارورڊ بلاڪ يقيني آهي، پيپلز پارٽي جي فارورڊ بلاڪ ۾ 20 کان 26 ميمبر وڃي سگهن ٿا.فيصل واوڊا چيو ته گورنر سنڌ عمران اسماعيل کي سنڌ جي سياست جي حوالي سان اهم معاملن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.گورنر سنڌ کي چيو آهي ته پنهنجون ٻيون مصروفيتون گهٽ ڪري، ان تي ٻيون ذميواريون اچي سگهن ٿيون، هن چيو ته صدر عارف علي کي به اهم شين کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سندس گهر به اڄ اهم ميٽنگ ٿيندي.