نه ڪو گهر ڊاٿو ۽ نه ئي ڊاهڻ ڏينداسين: ڪراچي ميئر
December 11, 2018 at 8:34 pmڪراچي(اسٽاف رپورتر) ڪراچي ميئر وسيم اختر جو چوڻ آهي ته منهنجو مينڊيٽ نالن ۽ روڊن تان حددخليون هٽائڻ آهي، نه ڪو گهر ڊاٿو ۽ نه ڪنهن کي ڊاهڻ ڏينداسين، ان حوالي سان غلط تاثر ڏنو پيو وڃي.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪراچي ميئر جو چوڻ هو ته نالن، پارڪن، روڊن، صدر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ حددخلين خلاف آپريشن جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ڪي ايم سي، وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي وقت ڏنو آهي ته گڏجي ويهن ۽ سڀاڻي ساڍي 8 وڳي رپورٽ جمع ڪرائين ته جيئن وڌيڪ حڪم جاري ڪري سگهجن.هن چيو ته حڪومت پاران اپيل ڪئي وئي ته گهرن کي ڊاٿو پيو وڃي، جنهن تي مون چيو ته منهنجو مينڊيٽ نالن ۽ روڊن تان حددخليون هٽائڻ آهي، گهر ڊاهڻ نه، نه ڪو گهر ڊاٿو ۽ نه ئي ڪنهن کي ڊاهڻ ڏينداسين. هن چيو ته حددخلين خلاف مهم جاري رکنداسين ۽ ڪراچي مان قبضا کي ختم ڪري شهر کي اصلي حالت ۾ واپس آڻينداسين.