نوازشريف جي دماغ کي رت پهچائيندڙ نسون اسي سيڪڙو بند هجڻ جو انڪشاف

November 24, 2019 at 6:39 pm

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جو لنڊن ۾ معائنو ڪندڙ ڊاڪٽر انڪشاف ڪيو آهي ته ان جي دماغ کي رت پهچائيندڙ نسون 80 سيڪڙو بند ٿي چڪيون آهن.گذريل ڏينهن سوئس ڊاڪٽر اسڪواٽ جي پارڪ لين فليٽس ۾ نوازشريف جو معائنو ڪيو هو. فيملي ذريعن موجب لنڊن اچڻ کان پوءِ ئي مسلسل نوازشريف جا ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن.ڊاڪٽرن جي ٽيم ان جي بيماري جا سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ٻئي طرف نوازشريف جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته يونيورسٽي ڪاليج اسپتال ويسٽ مور لينڊ اسٽريٽ جي مشهور هارٽ سرجن ڊاڪٽر ڊيوڊ لارنس نوازشريف جو طبي معائنو ڪيو ۽ نوازشريف جو دل جي حوالي سان علاج تجويز ڪيو.ڊاڪٽر لارنس مئي 2016 ۾ نوازشريف جو باءِ پاس ڪيو هو ۽ ان کان پوءِ ڊاڪٽر لارنس ئي نوازشريف جو طبي معائندو ڪندو رهيو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو