نوازشريف جي طبي بُنيادن تي8هفتن لاءِسزا معطل:ضمانت منظور

October 29, 2019 at 11:22 pm

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طبي بُنيادن تي نواز شريف جي سزا 8 هفتن لاءِ معطل ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني نواز شريف جي سزا معطلي واري درخواست تي ٻڌڻي بعد فيصلو ٻڌايو. عدالت نواز شريف جي طبي بُنيادن تي 8 هفتن لاءِ سزا معطل ڪري ڇڏي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته 8 هفتن تائين نواز شريف جي طبيعت ۾ سُڌارو نه آيو ته سزا معطليءَ لاءِ صوبائي حڪومت سان رابطو ڪيو وڃي. عدالت نواز شريف جي 20-20 لک رُپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو