نوازشريف کي هٽائڻ جي اصل راند سامهون اچي رهي آهي: ن ليگ ترجمان
May 5, 2019 at 6:52 pmلاهور(۾ ڊ)مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نوازشريف کي منظر کان هٽائڻ جي اصل راند سامهون اچي رهي آهي. نوازشريف ملڪ کي سي پيڪ ڏنو جڏهن ته عمران خان حڪومت ۾ اچي ملڪ کي گروي رکي ڇڏيو آهي.مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ملڪ کي نئين ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عمران صاحب اوهان پاڪستان ۾ باقاعده آفيس کولي ڇڏي آهي. مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب ناڻي واري وزير ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ جي مقرري تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان ملڪ کي نئين ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته وزيراعظم نالائق ۽ نااهل آهي. جڏهن ته ناڻي وارو وزير ۽ گورنر اسٽيٽ بئنڪ آءِ ايم ايف جا آهن. هن چيو ته گورنر اسٽيٽ بينڪ ڊاڪٽر رضا باقر آءِ ايم ايف جو ملازم آهي. ڊاڪٽر رضا باقر ملڪ کي قرضن جي غلامي ۾ رکڻ جو عبور رکي ٿو.آءِ ايم ايف جي ملازم کي مقرر ڪري اسٽيٽ بئنڪ تي آءِ ايم ايف جو قبضو ٿي ويو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي ملازمن کي پاڪستان جي خزاني جي چاٻي ڏني وئي آهي. رضا باقر جي مقرري ان ڳالهه جي شاهدي آهي ته ملڪ ۾ آءِ ايم ايف جي قرض، اصلاحات، ري اسٽرڪچرنگ جو نظام آندو پيو وڃي.