نواز شريف ڳالهايو ته ڪوبه يوٽرن نه هوندو: احسن اقبال

November 22, 2018 at 7:42 pm

 ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ن ليگي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته نواز شريف ڪو معمولي ڪارڪن ناهي، جڏهن هو ڳالهائيندو ته يوٽرن نه هوندو.ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته 2013ع ۾ دنيا  پاڪستان کي خطرناڪ ملڪ قرار ڏيندي هئي پر اسان دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو ته پاڪستان بهادري سان دهشتگردي کي شڪست ڏني آهي. هن چيو ته اسان ثابت ڪيو ته پاڪستان پنهنجي وسيلن سان توانائي جي بحران کي شڪست ڏئي سگهي ٿو، اسان جي ڪاميابي کي عمران خان جي نگراني ۽ قيادت ۾ هڪ سياسي سازش تحت ناڪام ڪيو ويو.احسن اقبال چيو ته اسان جي حڪومت پنج سال ترقي جو سفرڪيو آهي، هن وقت حڪومت پاڪستان بابت دنيا ۾ ناڪاري واويلا شروع ڪئي آهي، عمران خان چوي ٿو ته سي پيڪ جي منصوبن ۾ ڪرپشن ٿي، چين وڃي هي سي پيڪ جا قصيدو پڙهن ٿا ۽ پاڪستان اچي سي پيڪ تي گند اڇلائيندا آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو