نواز شريف ۽ زرداري پنهنجي آخري اليڪشن وڙهي چڪا: فواد چوڌري
December 6, 2018 at 12:26 amلنڊن(م ڊ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف ۽ زرداري پنهنجو آخري اليڪشن وڙهي چڪا، مڊٽرم اليڪشن جو ڪو به امڪان ناهي، ڊالر هيٺ مٿي وڃڻ سان ڪو به فرق ناهي پوندو، اسان جو سڀ کان وڏو چيلينج پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ آهي. تفصيل موجب فواد چوڌري خانگي دوري تي لنڊن پهتي جتي سندس استقبال ڊپٽي هاءِ ڪمشنر محمد ايوب ڪيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اليڪشڻ مهم ۾ ساٿ ڏيڻ تي سمنڊ پار ڪميونٽي جا ٿورا دا ڪرڻ آيو آهيان، وقت اچي ويو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي اميدن تي پورو لهجي. سڌُ سماءَ واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ احتساب تي ماڻهن جي گهٻراهٽ ڏسي سمنڊ پار پاڪستاني خوش آهن، عمران خان جي پاليسين سان پاڪستان جي پاسپورٽ جي اهميت وڌندي، پاڪستاني سفارتي ڪاميابيان ان مضبوط معيشت ڏانهن وڌي رهيا آهيون. فواد چوڌري چيو ته ملڪ کي ان حالت تائين پهچائڻ وارا ليڪچر ڏئي رهيا آهن، اسان جي آڏو ڪو به سياسي چيلينج ناهي سڀ کان وڏو چيلينج وعدن کي پورو ڪرڻ آهي.