نواز شريف ۽ زرداري ڊيل کان ناڪامي بعد هاڻي ڍر چاهين ٿا: شيخ رشيد
January 31, 2019 at 8:07 pmاسلام آباد ( بيورو ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ڊيل مان ناڪامي بعد هاڻي ڍر چاهين ٿا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته عمران خان جي همت آهي جو هو اهڙين حالتن ۾ دوست ملڪن جي مدد سان معيشت بهتر ڪري رهيو آهي، ملڪي ناڻي کي 10 سالن ۾ تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته شهباز شريف جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين بڻجڻ خلاف عدالت ۾ ويندس، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هارائي ويس ته ڪميٽي ۾ ويهندس، رمانڊ اندر پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ غير قانوني ۽ آئيني آهي. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف کان چڱي نموني واقف آهيان، مٿس ڪرپشن جا الزام آهن، سندس آڊٽ مان ڪندس، جيڪو ڊفالٽ کاتا ڇڏي ويو اهو آڊٽ ڪيئن ٿو ڪري سگهي. شيخ رشيد چيو ته 12 فيبروري تائين ٽرينن ۾ ٽريڪنگ سسٽم لڳايو ويندو، جڏهن ته ٿل ايڪسپريس به جلد شروع ڪئي پئي وڃي، هلندڙ سال قوم سان 20 ٽرينون هلائڻ جو واعدو ڪيو آهي. هن چيو ته ٽن ٽرينن جو ڀاڙو پشاور کان ڪراچي 1350 تائين ڪراچي رپيه آهي، ايم ايل ون ۽ نالا لئي وڏا پروجيڪٽ آهن جيڪا پورا ڪرڻا آهن، ڪوشش آهي ته ريل رفتار 160 کان 220 ڪلو ميٽر تائين ٿي وڃي.