نواز شريف ۽ شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي: شيخ رشيد

June 24, 2019 at 5:05 pm

اسلام آباد ( بيورو ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته حڪومت کي چيو آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف کي لنڊن وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، قطر جي امير جي دوري دوران زبردست سيڙپڪاري ٿي آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته  اسان سڀاڻي پي سي ون داخل ڪئي آهي،  بنيادي مسئلو ايم ايل ون جو آهي، تاثر ڏنو پيو وڃي ته حادثن جو بنيادي سبب ٽرينن جو وڌيڪ هئڻ آهي، هي ماڻهو ڇا ٿا سمجهن ته اسان ڪو چريا آهيون، هڪ ٻن ارب رپين جو تيل رکڻ جي ڪهڙي منطق آهي.  هن چيو ته چار تاريخ تي پنهنجي فنانشل رپورٽ سامهون آڻينداسين، اسانريلوي مان چورن کي ٻاهر ڪڍنداسين، اهو منهنجو مشن آهي، 24 آگسٽ تي منهنجو سال مڪمل ٿيندو ۽ڪاردگي سامهون آڻيندس، خان صاحب کي چيو آهي ته ريلوي ۾ هڪ گريڊ جي ترقي ڏيو.  سندس چوڻ هو ته پنجن ڏينهن کانپوءِ فنانس ۽ ريلوي جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏيندس، مخالف ڌر کي تڪليف آهي تنهن ڪري ئي خريداري ۾ اربين رپيه ڪمايا ويا، 17 لک لٽر تيل بچايو ۽ 34 ٽرينون به هلايون ويون آهن، ريلوي کي خساري مان ٻاهر ڪڍنداسين،  ريلوي وٽ اٺن ڏينهن جو هر صورت ۾ تيل موجود هوندو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو