نيازي حڪومت پيپلز پارٽي جي فعال اپوزيشن کان ڊنل آهي: بلاول ڀٽو زرداري

February 6, 2019 at 7:05 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئين ۾ ڏنل حقن کي پائمال ڪرڻ نيازي حڪومت جو وتيرو آهي.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ جي مذمت ڪندي چيو ته يوسف رضا گيلاني کي پرڏيهه سفر کان روڪڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، هو ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي، سندس خلاف غير قانوني قدمن جو ازالو ڪيو وڃي.بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته آئين ۾ ڏنل حقن کي پائمال ڪرڻ نيازي حڪومت جو وتيرو آهي ۽ نيازي سرڪار پيپلز پارٽي جي افعال اپوزيشن کان ڊنل اهي، عمران خان ٻڌي وٺي اسه ان کيس پنهنجي مرضي جو نقاب لڳائڻ نه ڏينداسين ۽ جعلي مينڊيٽ واري سرڪاري جي ڪوڙن واعدن ۽ عوام دشمن پاليسين جو آپريشن ڪندا رهنداسين.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو