نيب اداري کي ڀوڳ بڻائي ڇڏيو آهي، جاچ آفيسر کير جا ڌوتل نه آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ
January 31, 2019 at 8:13 pmڪراچي ( اسٽاف رپورتر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته نيب ٽن سالن کانپوءِ چوي ٿي ته جوابدار گهربل ئي ناهي، نيب اداري کي ڀوڳ ڇو بڻائي ڇڏيو آهي، نيب جاچ آفيسر کير جا ڌوتل نه آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالجبار خلاف ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل نيب عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت اي سي عبدالجبار خلاف انڪوائري ختم ڪرڻ جي رپورٽ منظور ڪري ورتي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب پراسڪيوٽرن کي ڪيس بابت ڪا خبر ئي ناهي، پراسيڪيوٽر رڳو چئي ڇڏي ٿو ته ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ آهي. عدالت چيو ته منع نامو ختم ڪرڻ لاءِ نيب کي ڇا ڪرڻو آهي ڪا خبر ناهي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب ٽن سالن بعد چوي ٿي ته جوابدار گهربل ئي ناهي، نيب اداري کي ڀوڳ ڇو بڻائي ڇڏيو آهي، نيب جاچ آفيسر کير جا ڌوتل نه آهن.