نيب ذريعي حڪومت تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، ملڪ ۾ ٽارگٽڊ احتساب ٿي رهيو آهي:وزيراعليٰ سنڌ

March 19, 2019 at 8:12 pm

عمر ڪوٽ ( رپورٽر ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نيب ذريعي حڪومت تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي جڏهن ته ملڪ ۾ ٽارگٽڊ احتساب ٿي رهيو آهي. عمرڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته نيب ذريعي حڪومت تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، ملڪ ۾ ٽارگٽڊ احتساب ٿي رهيو آهي، هڪ وفاقي وزير جو بيان رڪارڊ تي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت کي هٽائڻ لاءِ ٻيا طريقا به موجود آهن، سنڌ حڪومت کي هٽائڻ لاءِ قانوني رستو اختيار ڪرڻو پوندو جنهن لاءِ  کين وڌيڪ 50 ميمبرن گهرجن جڏهن ته پيپلزپارٽي جو هڪ ايم پي اي به انهن وٽ نه ويندو.  وڏي وزير چيو ته ٿر پاڪستان کي بدلائيندو، نعري ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ٿرڪول جي 330 ميگاواٽ پلانٽ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ٿرڪول نيشنل گرڊ کي بجلي ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو