نيوزيلينڊ جي وزيراعظم مسلمانن جون دليون کٽي ورتيون آهن: عمران اسماعيل
March 26, 2019 at 2:55 amڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته دنيا کي ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته اسلام هڪ پرامن مذهب آهي، نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جي قدمن مسلمانن جون دليون کٽي ورتيون آهن، اميد آهي ته اتان جون عدالتون جوابدارن کي موت جي سزا ڏينديون. تفصيل موجب گورنر عمران اسماعيل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نيوزيلينڊ جي حڪومت ۽ وزيراعظم کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو، نيوزيلينڊ حڪومت جي کنيل قدمن مسلمانن جون دليون کٽي ورتيون آهن. گورنر چيو ته بيمار سوچ رکندڙ سموري دنيا ۾ موجود آهن، هي ماڻهو رڳو دهشتگرد آهن، دهشتگردن سان اهو ئي سلوڪ ڪيو وڃي جيڪو هڪ قاتل سان ڪيو ويندو آهي ، پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ غيرقانوني هٿيارن بابت قانون جي ضرورت آهي، پابندي مڙهيل بور جي هٿيارن تائين پهچ نه هئڻ گهرجي، ان جي خلاف آهيان. عمران اسماعيل چيو ته ڪرائسٽ چرچ سانحي کي دهشتگردي کانسواءِ ڪجهه به نٿو چئي سگهجي. سندس وڌيڪ چوڻ ته هڪ نظام هئڻ گهرجي، هر ڪنهن جي هٿ ۾ هٿيار نه هجڻ گهرجن ۽ بنا لائسنس وارن هٿيارن تي پابندي هجڻ گهرجي. هٿيارن بابت گڏيل منصوبابندي جي سخت ضرورت آهي. گورنر چيو ته اسان کي دنيا کي امن جو پيغام ڏيڻو آهي، نيوزيلينڊ سانحي کي دهشتگردي ئي چئي سگهجي ٿو، اميد آهي نيوزيلينڊ جو عدالتون جوابدار کي موت جي سزا ڏينديون. عمران اسماعيل جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پابندي مڙهيل بور ۽ آٽو ميٽڪ هٿيارن تائين عوام جي پهچ نه هجڻ گهرجي، وزيراعظم جي ڪراچي جي دوري تي ساڻس هٿيارن جي خاتمي جون ڳالهيون ڪندس.