نيوزيلينڊ جي ٻن مسجدن ۾ فائرنگ، 49 نمازي شهيد
March 15, 2019 at 8:06 pmڪرائسٽ چرچ ( م ڊ ) نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ جي ٻن مسجدن ۾ فائرنگ سبب گڏيل طور تي 49 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي جڏهن ته 39زخمي ٿيا، جڏهن ته هڪ مسجد ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر به موجود جيڪي معجزاڻي طور محفوظ رهيا. ٻئي حملا ملڪ جي ٽئين وڏي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ ٿيا، هڪ عورت سميت چئن حملي آورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. نيوزيلينڊ جي پوليس جي سربراهه مائيڪ بش ٻڌايو ته ڊائنز ايونيو ۾ قائم مسجد ۾ 41 ڄڻا، لين وڊُ مسجد ۾ 7 ڄڻا جڏهن ته اسپتال منتقل ڪيل زخمين مان هڪ شخص جي موت جي تصديق ٿي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي مائيڪ بش وڌيڪ چيو ته مسجد ۾ فائرنگ جو نشانو بڻجندڙ 39 زخمي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن. مسجدن تي حملن ۾ ملوث ماڻهن بابت نيوزيلينڊ پوليس سربراهه مائيڪ بش جو چوڻ هو ته چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن مان هڪ شخص تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن جي عمر 28 سال آهي، ان نوجوان کي 24 ڪلاڪن ۾ ڪرائسٽ چرچ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو