هر سياسي پارٽي سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون : بلاول ڀٽو زرداري

January 29, 2019 at 7:58 pm

گمبٽ ( رپورٽر ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ارڙهين ترميم سان هٿ چراند ٿي ته لانگ مارچ ڪنداسين.گمبٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ارڙهين ترميم کي ڇيهو رسڻ نه ڏنو ويندو ان لاءِ لانگ مارچ ڪرڻ لاءِ به تيار آهن، عوام جا ادارا کسڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ دل جو آپريشن بلڪل مفت آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي اسپتالن ۾ ٻين صوبن کان مريض ايندا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي، خان صاحب کي تاريخ ٻڌائي وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽي عوام جي خدمت ڪندي رهندي. سندس چوڻ هو ته جناح اسپتال ۽ اين آءِ سي وي ڊي کي کسڻ نه ڏنو ويندو، سنڌ سرڪار مسئلا حل ڪرڻ کان واقف آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گمبٽ جي اسپتال ۾ سموري ملڪ جي مريضن جو علاج ٿيندو آهي، ڪي پي ۾ اهڙو اسپتال ٺاهي ڏيکاري وڃي. هن چيو ته اسان هر سياسي پارٽي سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ڪهڙو ملڪ آهي جتي هڪ سال اندر 3 بجيٽ پيش ٿيندا آهن. سندس چوڻ هو ته خان صاحب کي منظور وساڻ جي خوابن کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان عوام سان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا آهن، وزيراعظم پارليامينٽ کي مضبوط ڪري. هن چيو ته جڙتو حڪومت کي استعمال ڪري صدارتي نظام آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،  پاڪستان لاءِ پارلياماني نظام فائديمند آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن صدارتي نظام لاڳو ٿيو ته آزاد رياستون قائم ڪرڻيون پونديون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سموريون سياسي پارٽيون متحد ٿين ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل ٿي ويندو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو