هي مودي جو ڀارت ناهي جتي اقليتن سان ناروا سلوڪ ڪيو ويندو آهي:فواد چوڌري
March 24, 2019 at 8:29 pmلاهور (م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري وڏن مسئلن تي ڳالهائي، ابو بچايو مهم لاءِ گهڻو وقت پيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته اقليتن جو تحفظ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي، دنيا جي هر رياست ۾ ڏوهه ٿيندا آهن پر ڏسڻو پوندو آهي ته انهن ڏوهن جي روڪٿام لاءِ رياست جو ڪهڙو ردعمل هوندو آهي، سنڌ مان ٻن نينگرين کي اغوا ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي هندو نياڻين جو مذهب مٽرائڻ بابت ويڊيو وائرل ٿي آهي، اغوا ٿيندڙ نينگرين جي ڳولا جاري آهي، ذميوارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ هندو نينگرين جي اغوا تي ڳڻتي ظاهر ڪئي، سٺو ٿيندو ته اها ڀارت ۾ اقليتن جي حالت تي به اهڙي ڳڻتي جو اظهار ڪري، ڀارتي رياست گجرات ۾ سوين مسلمانن کي شهيد ڪيو ويو، ڀارتي حڪومت اتي مسلمانن سان ٿيندڙ ظلم بابت سوچي، نئين پاڪستان ۾ هر مذهب، رنگ ۽ نسل جا ماڻهو برابر حق رکن ٿا، اسان اقليتن سان گڏ بيٺا آهيون، ڇا ڀارت دعويٰ ڪري سگهي ٿو ته اهو اقليتن سان گڏ بيٺل آهي. سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري يا مريم نواز سان اسان جو ذاتي جهيڙو ناهي پر ابو جي پئسن تي سياست ڪرڻ ڪو مناسب ڪم ناهي، بلاول ۽ مريم گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه دير لاءِ نوڪري ئي ڪن، پ پ يا بلاول جو اصل مسئلو جعلي اڪائونٽن خلاف ڪارروائي آهي، هو وڏن مسئلن تي ڳالهائي، ابو بچايو مهم لاءِ گهڻو وقت پيو آهي، انهن کي ڀارت جي رويي خلاف ٽرين مارچ ڪرڻ گهرجي، بلاول شايد ڏٺو ناهي ته خورشيد شاهه ڪيترن وڏن دهشتگردن سان ملندو رهيو آهي، اهو چوڻ درست ناهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي صحيح طور عمل ناهي ٿيو