هڪڙا قرض اڃان ڀريا ناهن ٻيا قرض وڌي ويا، پي اي سي اجلاس ۾ گردشي قرض چوٽ چڙهڻ جو انڪشاف
January 1, 2019 at 6:55 pmاسلام آباد (بيورو) مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سيڪريٽري پاور ڊويزن بريفنگ ڏني، جڏهن ته بجلي چوري خلاف مهم جا انگ اکر به پيش ڪيا ويا. شهباز شريف جي صدارت هيٺ پي اي سي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيئرمين سمورين وزارتن کي ورڪنگ پيپر ۽ بريف 48 ڪلاڪ اڳ ڏيڻ جي هدايت ڪئي. پاور ڊويزن جي سيڪريٽري عرفان علي بريفنگ ڏيندي چيو ته اڄ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 33 هزار ميگا واٽ آهي، واپڊا 9 هزار ميگا واٽ کان وڌيڪ ڏئي ٿو. سندس چوڻ هو ته پاڪ – چين اقتصادي راهداري تحت بجلي منصوبن جو ٽيرف نيپرا طئي ڪندي آهي، سي پيڪ تحت 7 منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ اهي آءِ پي پيز موڊ تي آهن. پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته سڄي دنيا هاڻ پاڻي سان سستي بجلي پيدا ڪرڻ ڏانهن وڃي رهي آهي، ساهيوال جهڙي سرسبز علائقي ۾ ڪول پاور پلانٽ ڇو لڳايو ويو، ڏکڻ آفريڪا کان مهانگو ڪوئلو خريد ڪيو پيو وڃي. عرفان علي چيو ته ساهيوال پاور پلانٽ ماحول لاءِ خطرو ناهي، مٽياري مان ڏکڻ کان اتر تائين لائن وڇائي ويندي، اهو منصوبو مارچ 2021 ۾ مڪمل ٿيندو. پ پ ۽ تحريڪ انصاف ميمبرن ساهيوال ڪول پاور پلانٽ تي ڇتي تنقيد ڪئي، جنهن تي توانائي واري سيڪريٽري چيو ته ساهيوال ڪول پاور پلانٽ ۾ انتهائي حساس ٽيڪنالاجي استعمال ٿي، ساهيوال پاور پلانٽ ماحول لاءِ نقصانڪار ناهي. سيڪريٽري بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته قائداعظم سولر پاور پارڪ جي گهرج 400 ميگا واٽ آهي، اصل پيداوار 360 ميگا واٽ آهي، قائداعظم سولر پارڪ آءِ پي پي آهي، گهرج کان گهٽ پيداوار تي ڏنڊ مڙهيو ويندو آهي. ڪميٽي چيئرمين شهباز شريف چيو ته مان پنجاب جي وڏي وزير طور ٻه ايل اين جي منصوبا لڳايا، ٻنهي منصوبن مان بجلي نيشنل گرڊ سينٽر ۾ ويندي آهي، 18هين ترميم کانپوءِ صوبا پاور پلانٽ به لڳائي سگهن ٿا. سيڪريٽري ٻڌايو ته گرمين ۾ بجلي جي گهرج 25 هزار، جڏهن ته سياري ۾ 8 کان 9 هزار ميگا واٽ هوندي آهي، هڪ وقت ۾ 21 هزار ميگا واٽ کان وڌيڪ بجلي جي پهچ ممڪن ناهي، جون 2019 تائين 25 هزار ميگا واٽ بجلي جي پهچ جي قابل ٿينداسين. هن چيو ته لوڊشيڊنگ جو وڏو سبب بجلي چوري آهي، سنڌ ۾ سيپڪو جي 186 فيڊرن تي 70 سيڪڙو چوري هئي، مارچ 2019 تائين سيپڪو علائقن ۾ 95 سيڪڙو بجلي چوري ختم ڪري ڇڏينداسين. سندس چوڻ هو ته ليسڪو ۾ بجلي چوري جو هڪ گروهه پڪڙيو ويو، 19 ڄڻن کي جيل موڪليو ويو، گينگ سافٽ ويئر ذريعي بجلي ميٽر جي رفتار گهٽ ڪري رهي هئي. اجلاس ۾ بجلي چوري خلاف مهم جا انگ اکر به پيش ڪيا ويا، جنهن موجب 13 آڪٽوبر 2018 کان 28 ڊسمبر 2018 تائين سڄي ملڪ ۾ ڪارروايون ڪيون ويون. سيڪريٽري موجب 21 هزار 475 چوري ڪيس پڪڙيا ويا، حڪومت 15 هزار 746 ماڻهن خلاف ڪيسن جون درخواستون ڏنيون، ٻن مهينن ۾ 75 ڪروڙن جي بجلي چوري پڪڙي وئي، بجلي چورن کان 16 ڪروڙ 54 لک رپيا وصول ڪيا ويا