والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلم جو مثال دنيا ۾ نه ٿو ملي: راجا فاروق حيدر

February 5, 2019 at 6:32 pm

مظفر آباد ( م ڊ ) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فاروق  حيدر چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ جاري طلم جو مثال سموري ننڍي کنڊ ۾ نه ٿو ملي، آزادي لاءِ ڪشميرين جون قربانيون لازوال آهن. آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي راجا فاروق حيدر چيو ته لائن آف ڪنٽرول جي آرپار گهڻا رشتيدار موجود آهن،  حڪومت ڀارت ۾ عزيزن سان ملائڻ بابت ڳالهيون ڪري، جيئن ڪرتارپور سرحد کولي وئي تيئن ڪارگل سرحد به کولي وڃي. هن چيو ته ڪشميرين جون قربانيون جلد رنگ لائينديون، پاڪستان اسان جو وڪيل آهي، سياسي ۽ معاشي طور مستحڪم پاڪستان ئي بهترين وڪيل هوندو، جڏهن ته ڪشميرين جون قربانيون پاڪستان لاءِ آهن. سندس چوڻ هو ته آئيني حقن بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو سمجهه کان ٻاهر آهي، ڪشمير مسئلو سموري قوم جو مسئلو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو