والاريل ڪشمير ۾ ٻه هزار کان وڌيڪ عورتن کي شهيد ۽ 11 هزار کان وڌيڪ عورتن سان لڄالٽ ڪرڻ جو انڪشاف

November 26, 2019 at 4:25 pm

سرينگر (م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ ٻه هزار کان وڌيڪ عورتن کي شهيد ۽ 11 هزار کان وڌيڪ عورتن سان لڄالٽ ڪئي وئي.ڪشمير ميڊيا سروس عورتن تي تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن بابت ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي سان متاثر ٿيندڙ عورتن جي رپورٽ جاري ڪئي آهي.رپورٽ موجب ڪشمير تڪرار سبب عورتون وڏي پئماني تي /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 02

متاثر ٿيون، جنهن ۾ انهن جي لَڄ لُٽي وئي ۽ نظربندي ڪئي وئي، جڏهن ته ڪيترن ئي عورتن کي شهيد به ڪيو ويو.ڪي ايم سي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 30 سالن ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي ۾ 2 هزار 377 عورتون شهيد ٿيون، جڏهن ته 11 هزار 175 عورتن سان لڄالٽ ڪئي وئي ۽ 22 هزار 910 عورتون بيواهه ٿيون.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آسيا اندرابي ۽ فهميدا صوفي سميت 6 ڪشميري عورتون ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن.هوڏانهن ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج پلواما ضلعي جو گهيرو ڪيو ۽ گهر گهر تلاشي ورتي، جڏهن ته فائرنگ ۾ هڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪيو ويو.ڪي ايم سي موجب والاريل وادي ۾ ڀارتي ظلمن خلاف ڪشميرين جي مزاحمت جاري آهي ۽ اهي پوسٽرن ذريعي ڀارت مخالف احتجاج جاري رکڻ لاءِ پرزور آهن.سرينگر ۽ ان جي ڀر وارن علائقن ۾ لڳايل پوسٽرن ۾ ڪشميرين طرفان ڀارت جي غير قانوني قدمن خلاف سول نافرماني جي اپيل ڪئي وئي آهي.ٻئي پاسي ڀارتي گهرو وزارت ڪشمير ۾ فوج، ايئر فورس ۽ نيوي جا خاص اهلڪار پڻ مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو