والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ ٻه ڪشميري نوجوان شهيد، پنج ڀارتي اهلڪار مارجي ويا

March 3, 2019 at 10:03 pm

راولپنڊي/ سرينگر ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج سرچ آپريشن جي نالي تي ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڀارتي فوج جا پنج اهلڪار پڻ مارجي ويا آهن. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي ڪپواڙا ۾ ٽن ڏينهن کان جاري سرچ آپريشن ۾ ڀارتي فوج ٻن ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن تي ان دوران ڀارتي فوج جا ٽي نوجوان ۽ ڪشميري پوليس جا ٻه اهلڪار به مارجي ويا آهن. ڪپواڙا ضلعي جي علائقي هندواڙا ۾ سرچ آپريشن جي پهرين ڏينهن به ٻه ڪشميري نوجوان شهيد ٿيا هئا.  هندواڙا ۾ انٽرنيٽ سروس ۽ موبائيل فون سروس بند ڪئي وئي آهي جڏهن ته داخلي ۽ خارجي رستن تي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي اڳرائي جو سلسلو جاري آهي ۽ جنگي جنون ۾ ورتل ڀارتي فوج جي بنا سبب فائرنگ ۾ معصوم مقامي نشانو بڻجي رهيا آهن ۽ ڪيئي سيڪٽرن ۾ مقامي ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.  ٻئي پاسي ڀارتي فوج جي لائن آف ڪنٽرول تي گولاباري ۽ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته پاڪ فوج طرفان منهن ٽوڙ جواب ڏنو پيو وڃي. پاڪ فوج 24 ڪلاڪن دوران لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو آهي ته ڀارتي فورسز پهرين ۽ 2 مارچ جي وچ  کان مختلف سيڪٽرن تي شديد گولاباري ۽ فائرنگ ڪئي وئي، هاڻي به نيزه پير، جندروٽ ۽ باغسر تي وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، جنهن جو پاڪ فوج منهن ٽوڙ جواب ڏئي رهي آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستاني سرحد تي ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج مڪمل الرٽ ۽ چوڪس آهي. ترجمان موجب ڪنٽرول لائن تي اڄ ڪنهن حد تائين سڪون آهي.  آءِ ايس پي آر موجب نيڪال سيڪٽر ۾ شهيد ٿيل حوالدار عبدالرب جي ڊي آءِ خان ۾ ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، شهيد کي فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد نائيڪ خرم جي جنازي نماز اڄ شام ڊي جي خان ۾ ادا ڪئي ويندي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو