وزيراعظم انهن وزيرن کان استعيفائون گهري جن تي نيب ڪيس آهن:محمد زبير جو مطالبو
February 6, 2019 at 6:39 pmڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير جو چوڻ آهي ته عليم خان جي بند ٿيڻ کانپوءِ وڏو وزير عثمان بزدار پنجاب جي حڪومت ڪيئن هلائيندو.نيب طرفان پنجاب جي سينيئر وزير عليم خان جي گرفتاري تي نجي چينل سان ڳالهائيندي محمد زبير جو چوڻ هو ته نيب جي اڄ جي اڳڀرائي مثبت آهي، پاڪستان ۾ سياست جي ساک برقرار رکڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان تي وڏي ذميواري آهي.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت بري طرح ناڪام ٿي چڪي آهي، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار عليم خان جي گرفتاري کانپوءِ پنهنجي صوبي جا انتظام ڪيئن هلائيندو. محمد زبير وزيراعظم عمران خان کان مطالبو ڪيو ته وزيراعظم سندس وزيرن کان استعيفائون گهري جن تي نيب ڪيس آهن.