وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي ٺاهڻ جو مقصد پنهنجو قبلو درست ڪرڻ آهي: عمران خان

December 21, 2018 at 9:00 pm

 اسلام آباد(بيورو)  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بڻائڻ جو مقصد پنهنجو قبلو درست ڪرڻ آهي، آزادي کانپوءِ تعليم جي شعبي تي ڪنهن ڌيان نه ڏنو آهي، جنهن ڌاڙيل کان پئسا پڪڙينداسين ان کي تعليم تي خرچ ڪنداسين.وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بڻائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته  ملڪ جي سڀ کان قيمتي پراپرٽي کي يونيورسٽي بڻائڻ جو مقصد پنهنجي قوم کي ٻڌائڻ آهي ته پنهنجو قبلو درست ڪرڻو آهي، ماڻهن کي پيغام ڏئي رهيا آهيون ته قوم ۽ حڪومت جي ترجيح تعليم آهي. هن چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته غريبن جو مفت علاج ٿي، تڏهن به ايمان هو ته جيڪڏهن اهو سينٽر آف ايڪسيلنس هوندو ته ماڻهن به سهڪار ڪندا، وزيراعظم هائوس ۾ به يونيورسٽي کي سينٽر آف ايڪسيلينس ٺاهينداسين. وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪو به معاشرو اڳتي وڌيو تنهن انساني ترقي ۽ تعليم تي ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ننڍو طبقو پئسا ٺاهي وٺي ته اهو ملڪ ترقي نه ڪندو آهي، اولهه جي دنيا پهريون ئي اڳتي نڪتل آهي پر چين اسان سامهون مٿي آيو آهي.سندس چوڻ هو ته جنگ بدر ۾ جيڪي قيدي گرفتار ٿيا کين چيو ويو ته توهان 10 مسلمانن کي پڙهايو ته آزادي آهي، اهو دنيا لاءِ انقلاب هو، تعليم کان وڌيڪ دنيا جي ڪابه شيءَ ناهي، جنهن کانپوءِ ڪيترين ئي صدين تائين مسلمان سائنسدان هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ ۾ سادي عمارت اندر ٽوني بليئر جو گهر هو، اسان جا حڪمران عاليشان  محل ۾ رهندا آهن، ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جو مجموعي جي ڊي پي کان برطانيا جي ڊي پي وڌيڪ آهي، مون ۾ تبديلي برطانيا وڃڻ ۽ اتان جي ماڻهن جي زندگي ڏسڻ کانپوءِ آئي، ڪالوني ازم سبب افغانستان ۾ ترقي نه ٿي سگهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو