وزيراعظم ڪوئيٽا ڌماڪي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي، مختلف اڳواڻن پاران مذمت

April 12, 2019 at 7:23 pm

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا جي سبزي منڊي ۾ ڌماڪي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. رپورٽن موجب وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪندي قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو . وزيراعظم عمران خان زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڌماڪي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ٻئي پاسي صدر پاڪستان عارف علوي پڻ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙا ڌماڪا قوم جي عزم کي پختو ڪندا آهن ته دهشتگردي جي باقيات جو خاتمو ضروري آهي. مخالف ڌر اڳواڻ شهاز شريف به مذمت ڪندي چيو ته دهشتگرد پاڪستان جي ماڻهن جي حوصلي ۽ همت تي حملو ڪندا آهن، پاڪستان جي ادارن ۽ عوام دهشتگردي جي خاتمي لاءِ  لازوال قربانيون ڏنيون آهن.  بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال دهشتگردي جي بزدلاڻي ڪارروائي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته واقعي جي شهيدن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، انسانيت  جا دشمن دهشتگرد ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته پرامن ماحول خراب ڪرڻ جي سازش کي ناڪام بڻائڻو جو ملڪ مان خاتمون پهرين ترجيح آهي، دهشتگردي ڪنهن رعايت جا حقدار ناهن. سڌ سماءِ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪندي دهشتگرد امن کي نقصان پهچائي ترقي کي نشانو بڻائڻ چاهين ٿا، بهادر قوم اهڙي عمل  جو ڄمي مقابلو ڪندي آئي آهي، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ٿي ويندو. پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جي حملن جو قوم سدائين ايڪي سان مقابلو ڪيو آهي، ادارن ۽ عوام پنهنجي رت سان امن جي لاٽ روشن ڪئي، ڪنهن دشمن کي امن جي لاٽ وسائڻ نه ڏينداسين.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو