وسيم اڪرم ۽ شنيرا هاڻ اداڪاري جي ميدان ۾ قسمت آزمائيندا
October 28, 2019 at 6:07 pmڪراچي: (شوبز نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان وسيم اڪرم ۽ ان جي گهر واري شنيرا اڪرم اداڪاري جي شعبي ۾ قسمت آزمائڻ جي لاءِ ميدان ۾ اچي ويا آهن. وسيم اڪرم ڪمينٽيٽر هجڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي اشتهارن ۾ به نظر آيو آهي پر هاڻ هن پنهنجي مداحن کي ڊيبيو فلم جي خوشخبري به ٻڌائي ڇڏي آهي. گلف نيوز موجب وسيم اڪرم پنهنجي پهرين فلم سائن ڪري ڇڏي آهي جيڪا فيصل قريشي جي هدايتڪاري ۾ ٺاهي ويندي. مني بيڪ گارنٽي هدايتڪار جي حيثيت سان فيصل قريشي جي به ڊيبيو فلم هوندي. ميڊيا رپورٽ موجب فلم ۾ اڳوڻي رانديگر وسيم اڪرم جو ڪردار ننڍو پر اهم آهي. ٻئي طرف فلم ۾ اڳوڻي رانديگر وسيم اڪرم جي گهر واري شنيرا اڪرم به خاص رول جي حيثيت سان شرڪت ڪندي. فلم(مني بيڪ گارنٽي) جي ڪاسٽ ۾ اداڪار فواد خان مرڪزي ڪردار ادا ڪندو جڏهن ته ان سان گڏ ٻئي ڪاسٽ ۾ ميڪال ذوالفقار ۽ مشهور ماڊل ڪرن ملڪ به هوندا.