وفاقي حڪومت اهڙو ماحول جوڙيو آهي جو آفيسر جائز ڪم به نٿا ڪن: مراد علي شاهه
February 4, 2019 at 9:16 pmڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گڏاپ ۾ هينڊز طرفان منعقد ڪيل قومي ڪنوينشن جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت هينڊز جي اهم پارنٽر آهي، هينڊز نرسز جو انسٽيٽوٽ قائم ڪري، سنڌ سرڪار مڪمل سهڪار ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن ڪنوينشن جون سموريون سفارشون صوبن ۽ وفاقي سرڪار کي اماڻيون وينديون، سنڌ سرڪار سفارشن تي ڪم ڪندي. اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪم ٿي رهيو آهي پر ڪافي ڪم جي ضرورت آهي، بدقسمتي سان وفاقي حڪومت وسيلا گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته وفاق کي 266 بلين ڏيڻا هئا. پر هن سان وفاق کان 256 بلين رپيا مليا آهن. هن چيو ته وفاقي سرڪار چاهي ٿي ته جيڪي ٽيڪس صوبا اوڳاڙيندا آهن، اهي به وفاق کي ڏنا وڃن، وڏي وزير چيو ته جيڪي پنهنجو ٽيڪس نه ٿا جمع ڪري سگهن، اهي اسان جو ٽيڪس به وٺڻ چاهين ٿا. مراد علي شاهه چيو ته وفاقي سرڪار اهڙو ماحول ٺاهيو آهي جو آفيسر جائز ڪم به نه ٿا ڪرڻ چاهين. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان ميڊيا جون رهتون ادا ڪرڻ وڃون پيا پر شرط اهو هوندو ته صحافين کي پگهارون جاري ڪيون وڃن.