وفاق تي صوبن ۾ اسپتال ٺاهڻ تي ڪابه پابندي ناهي: چيف جسٽس
January 3, 2019 at 8:00 pmاسلام آباد ( بيورو ) چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته وفاق جي صوبن ۾ اسپتال ٺهڻ تي ڪابه پابندي ناهي، پارليامينٽ ۾ ارڙهين ترميم تي بحث نه ٿيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ارڙهين ترميم بعد ٽرسٽ اسپتالن کي صوبن کي منتقل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اسپتالن جي منتقلي کي غير قانوني قرار ڏئي جناح اسپتال کي وفاق تحت ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته عمارت صوبي ۾ هئڻ جو مطلب ناهي ته صوبن کي منتقل ٿي ويندي. سندس چوڻ هو ته قانونسازي لاءِ پارليامينٽ سپريم ادارو آهي، سڄي دنيا ۾ آئيني ترميم کان اڳ بحث ٿيندو آهي، ڇو ته اها آئين جي تشريح لاءِ اهم هوندي آهي، پارليامينٽ ۾ 18 هين ترميم تي بحث نه ٿيو آهي، اسان جي ملڪ ۾ بنا بحث ترميم ڪئين منظور ٿيندي آهي. وڪيل رضا رباني چيو ته اهو درست آهي ته 18 هين ترميم تي پارليامينٽ ۾ بحث نه ٿيو آهي، ترميم جو مسودو ٺهڻ ۾ 9 مهينا لڳي ويا. چيف جسٽس چيو ته وفاق تي صوبن يا شهر ۾ اسپتال ٺاهڻ سهولتن جي فراهمي تي پابندي ناهي، صوبا جيڪڏهن ماڻهن کي سهولتون نه ڏئي سگهن ته وفاقي حڪومت اسپتال تعمير ڪري، اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته وفاقي سرڪار اسپتال ٺاهي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ صوبي حوالي ڪري ڇڏي. رضا رباني چيو ته عدالت هي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ کي چئي ڇڏي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ارڙهين ترميم ڪري پارليامينٽ پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ارڙهين ترميم جي تشريح ڪرڻ عدالت جو ڪم آهي، هي معاملو ٻيهر پارليامينٽ کي نه موڪلي رهيا آهيون، قانون جي تشريح اها آهي جيڪو سپريم ڪورٽ چوندي.