وڌندڙ آبادي قومي نوعيت جو مسئلو آهي، سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

December 6, 2018 at 12:28 am

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي پارٽي 6 نون قانونن تي ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو، جيڪي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيا ويندا. سپريم ڪورٽ ۾ پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي تي فوري طور ڌيان ڏيڻ واري موضوع تي هڪ ڏينهن جي سمپوزيم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو ته مون کي خوشي آهي اسان جي حڪومت شروعاتي 100 ڏينهن ۾ ئي نون قانونن جي تياري ڪري ورتي، سول ۽ ڪرمنل پروسيجر ڪورٽ ۾ ترميمن جو امڪان آهي. سندس چوڻ هو ته مان پهريون وزيراعظم آهيان جنهن کي چيف جسٽس دعوت ڏني، ٿورائتو آهيان جو مان عدالت ۾ پيش نه ٿيس. عمران خان چيو ته مديني جي رياست جي ڪاميابي قانوني جي حڪمراني تي ٻڌل هئي ۽ اهو ئي معاشرو ترقي ڪندو آهي جتي قانون جي بالادستي هجي. ڊيمن بابت وزيراعظم چيو ته چيف جسٽس سوال اٿاريو ته اسان ڊيمن جي پلاننگ نه ڪئي ۽ پاڻي جي مسئلي تي آواز اٿاريو پر اهي معاملا حل ڪرڻ جمهوري حڪومتن جي ذميواري هئي. هن ڪنهن به سياسي جماعت جو نالو کڻڻ کانسواءِ الزام هنيو ته اڳوڻين جمهوري حڪومتن پنهنجي سياسي بقا لاءِ ڊيمن جا مسئلا حل نه ڪيا ۽ ڊگهي رٿابندي کان پاسو ڪيو. پاناما پيپرز جو حوالو ڏيندي سندس چوڻ هو ته اڳ ادارا ڪنهن اعليٰ شخصيت خلاف ڪم نه ڪندا هئا پر سپريم ڪورٽ پهريون ڀيرو هڪ موجوده وزيراعظم کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو، جيتوڻيڪ سي ڊي اي وزيراعظم جي ماتحت ادارو آهي، ان باوجود بني گالا ڪيس ۾ مون کان سوال ڪندو آهي ۽ عدالت جي ضابطي موجب آگاهه رکندو آهي .

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو