وڏي وزير طرفان ڪراچي يونيورسٽي ۾ تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ جي هدايت

March 11, 2019 at 7:04 pm

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي يونيورسٽي بابت اجلاس دوران يونيورسٽي جي تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.  تفصيل موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي يونيورسٽي بابت اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وائس چانسلر اجمل خان، سيڪريٽري يونيورسٽي اينڊ بورڊ رياض الدين، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪراچي يونيورسٽي تعليمي معيار سبب مشهور هئي، اهو معيار گهرجي. هن پڇاڻو ڪيو ته نيب تعليم جي معيار ۽ يونيورسٽي ۾ گورننس بهتر بڻائڻ تي 37 هدايتون ڏيڻ تي ڪيترو عمل ٿيو ؟  جنهن تي وائس چانسلر ٻڌايو ته 37 مان 25 هدايتن تي عمل ٿي چڪو آهي، باقي تي عمل جاري آهي. وڏي وزير يونيورسٽي جي تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ هر قسم جي مدد ڪندي رهندي.  هن هدايت ڪئي ته يونيورسٽي جي مسئلن کان وقت به وقت  کيس آگاهه ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته بينظير ڀٽو چيئر لاءِ چيئرمين جي سيٽ تي جلد ڀرتي ڪئي وڃي.  وڏي وزير هدايت ڪئي ته يونيورسٽي جي مختلف چيئرز پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ تحقيق ڪري پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي رهنمائي ڪندا رهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو