يورپا ليگ ۾ 4 مقابلا، مانچيسٽر يونائيٽڊ بارسلونا کي هارائي ڇڏيو
February 25, 2023 at 12:13 am
يوئيفا يورپا ليگ جي مقابلن ۾ 4 ڌار ڌار مقابلا ٿيا آهن، جن ۾ وڏو مقابلو مانچيسٽر يونائيٽڊ جي ٽيم بارسلونا کي شڪست ڏئي کٽي ورتو آهي. ميڊيا مطابق يوئيفا يورپا ليگ جي جاري مقابلن ۾ مانچيسٽر يونائيٽڊ جي ٽيم هڪ گول جي ڀيٽ ۾ 2 گول ڪري بارسلونا کي شڪست ڏني آهي. هڪ ٻئي ميچ ۾ روما 2 گول ڪري آر بي سليزبرگ کي شڪست ڏني، جنهن ۾ آر بي سليزگرگ ڪوبھ گول نھ ڪري سگهي آهي. يونين برلن جي ٽيم وري اجيڪس کي هڪ گول جي مقابلي ۾ 3 گلن تان هارايو آهي. جڏهن تھ شيڪتار ڊونيسڪ هڪ گول ڪرڻ باوجود ايگريگيٽيڊ ۽ پينلٽيز جي بنياد تي ڪاميابي ماڻي آهي.