ٺل: هڪ ئي خاندان جا 17 ڀاتي هڏن جي بيماري ۾ مبتلا، گهمڻ ڦرڻ کان لاچار، صحت کاتو اگهور ننڊ ستل

January 21, 2019 at 8:51 pm

ٺل (نمائندو))ٺل ڀرسان ڳوٺ محمد حيات ٻرڙو ۾ هڪ ئي خاندان جا 17 ڀاتي هڏن جي پُراسرار بيماري ۾ مُبتلاءَ، هڏن جي هن بيماريءَ سبب وڏن ۽ ٻارن سميت مريضن کي گهمڻ ڦرڻ ۽ کائڻ پيئڻ ۾ ڏُکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن عجيب ۽ غريب بيماري سبب مريضن جي هٿن ۽ پيرن جا هڏا مڙيل رهن ٿا، ڄَاڙين جي ڪمزور هئڻ ڪري صرف بسڪوٽن ۽ ڪجهه نرم کاڌن تي گذارڻو پوي ٿو، متوازن خوراڪ نه ھئڻ سبب انهن جون مڪمل غذائي ضرورتون پوريون نه ٿيون ٿي سگهن، هنن جي جسم کي گهربل لمحيات ۽ ڪيلشيم به نٿو ملي، موذي مرض ۾ ورتل مريض سدائين ڪمزور رهن ٿا.مريضن جي وارثن حبيب الله ۽ محمد پناهه ٻرڙو  ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻُڌايو ته هن پراسرار ۽ خطرناڪ بيماري سبب سڄي ڳوٺ تي خوف ۽ حراس طاري آهي. اڪثر ماڻهن جو رايو آهي ته هي ڪا جناتي بيماري آهي، وس آڌار سنڌ جي مختلف ڊاڪٽرن کان مريضن جو علاج ڪرايو آهي پر ڪٿان به ڪو فائدو ناهي ملي سگهيو، ڪجهه ڊاڪٽرن جو خيال آهي ته هي ڪئلشيم جي گهٽتائي جي ڪا بيماري آهي اُن جو علاج ڪراچيءَ جي ڪنهن مهانگي ترين اسپتال ۾ ممڪن آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته خطرناڪ بيماري ۾ وڪوڙيل 17 مريضن جي حالت تي رحم کائي انهن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪيو وڃي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو