ٻارڙيءَ کي سنگسار ڪرڻ ۽ جرڳي جي ثابتي ناهي ملي: سنڌ سرڪار
December 2, 2019 at 5:54 pmدادو/واهي پانڌي (نمائندن وٽان)واهي پانڌي پوليس کي جاچ ۾ نينگري گل شمع جي قتل واقعي جو سراغ نه مليو ، ڳوٺ شاھ مڪان پهتل واهي پانڌي پوليس کي ٻارڙن ٻڌايو ته هوراند کيڏي رهيا هئا ته مٿان جبل تان ڪريل پٿر گل شمع کي لڳو ، مقتول نينگري جي ماءُ ليلان کي جاچ لاءِ ليڊيز پوليس حوالي ڪري دادو پهچايو ويو، نينگري جي پيءُ کي به جوهي ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو. واهي پانڌي پوليس /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 02
پاران سوشل ميڊيا تي واهي پانڌي ڀرسان ڳوٺ شاھي مڪان ۾ 9 سال جي نينگري گل شمع رند کي سنگسار ڪري قتل ڪرڻ واري پوسٽ کي جواز بڻائي نينگري جي پيءُ علي بخش رند، جنازي نماز پڙهائيندڙ مولوي سميت 5 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري گرفتاريون ڪرڻ وارو معاملو تڪراري بڻجي ويو آهي ٻئي پاسي نڌ حڪومت شروعاتي جاچ ۾ جوهي واقعي جي ترديد ڪندي، نينگري کي سنگسار ڪرڻ توڙي جرڳي بابت ڪي به ثابتيون نه ملڻ جو موقف اختيار ڪري ورتو آهي، سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري وزير سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ضلعي دادو جي هڪ ڳوٺ ۾ پيش اچڻ واري ڪارو ڪاري جي اڻوڻندڙ واقعي جو نوٽس وٺندي پوليس کي واقعي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، مبينه قتل ڪيل 11 سالن جي ڇوڪري جي والدين ۽ سندس جنازي نماز پڙهائيندڙ پيش امام کي پوليس گرفتار ڪيو آهي. ابتدائي جاچ موجب ڪارو ڪاري جون شاهديون نه مليون آهن ۽ نه ئي وري جرڳي يا سنگسار ڪرڻ متعلق ٿابتي ملي آهي. جڏهن ته نينگري جي والد جي بيان موجب جابلو جڳهه تان ڪرڻ کانپوءِ پٿر لڳڻ سبب ٻارڙي فوت ٿي وئي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ جرڳي متعلق ڪي شاهديون آهن ته هو سنڌ حڪومت سان رابطو ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته قبر ڪشائي متعلق عدالتي حڪمن موجب عمل ڪرايو ويندو