ٽيسٽ رينڪنگ: پاڪستاني رانديگر محمد عباس ۽ بابر اعظم پنهنجون پوزيشنون وڃائي ويٺا

November 19, 2019 at 5:32 pm

دبئي(اسپورٽس نيوز)ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ڀارتي رانديگرن جي مقابلي ۾ پاڪستاني رانديگر محمد عباس ۽ بابر اعظم پوئتي رهجي ويا.محمد شمي جي 8 درجي جي جمپ پاڪستاني فاسٽ بالر کي 12هين نمبر تي پهچ

ئي ڇڏيو. بابر اعظم کي ميانڪ اگروال جي مقابلي ۾ هڪ درجو پوئتي 15هين نمبر تي وڃڻو پئجي ويو. پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست ملڻ سبب بنگلاديشي رانديگرن کي به تنزلي جو منهن ڏسڻو پيو.تفصيل موجب ڀارتي فاسٽ بالر محمد شمي بنگلاديش جي خلاف اندوز ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 3 جڏهن ته  ٻئين ميچ ۾ 31 رنسن جي عيوض 4 وڪيٽون ورتيون جنهن سبب کيس ٽيسٽ بالنگ رينڪنگ ۾ گڏ 8 درجا ترقي ملي. جنهن سان هو ستين نمبر تي پهچي ويو. ان کي جڳهه ڏيڻ لاءِ ڪجهه بالرن کي هڪ هڪ قدم پوئتي هٽڻو پيو. جنهن ۾ پاڪستاني پيسر محمد عباس به شامل آهي جيڪو هاڻ ٻارهين نمبر تي پهچي  ويو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو